ساٽوڙو سانٽوڙو

ساٽوڙو/ سانٽوڙو: سنڌ ۾ ساٽوڙو/ سانٽوڙو، خاص ڪري ٿر واري ڀاڱي ۾ ٿيندڙ عام ٻوٽو آهي. ساٽوڙو، ميدانن، مال جي واڙن ۽ پاڻيءَ وارين جاين تي ٿيندو آهي. ساٽوڙي جا ٻه قسم آهن: هڪڙي جا پن گول ۽ ڪجهه وڏا، ساواڻ مائل ۽ هيٺان اڇي رنگ جا ٿين ۽ ٻئي قسم جي ساٽوڙي جا پن ڪجهه ننڍا ۽ هيٺيان ڳاڙهسري رنگ مائل ٿين ٿا. ساٽوڙو، ننڍيءَ ول وانگر پکڙجندو آهي. هي ٻوٽو چوپائي مال جي خوراڪ آهي. سانٽوڙو، سُڪي وڃڻ بعد ڀُري ختم ٿي ويندو آهي، پر پاڙ آڱر جهڙي ٿلهي ۽ زمين اندر سائي رهندي آهي. وسڪاري جي موسم ۾ يا پاڻي ملڻ جي صورت ۾ ساٽوڙو وري سائو ٿي ويندو آهي. ساٽوڙي جو ٻج ڪاري ۽ ڀوري ناسي رنگ جو ٿئي ٿو. ساٽوڙي کي جيڪڏهن زمين مان ڇڪبو ته پاڙ سميت نڪري ايندو آهي. ٿر جا ماڻهو وسڪاري دوران سانٽوڙي کي ساڙي، مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ دونهين ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو